بحريا ٽائون جو ملڪيتن جي نيلامي روڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بحريا ٽائون پنهنجي ملڪيتن جي نيلامي روڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل درخواست ۾ نيلامي جو عمل روڪڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
ايڊووڪيٽ فاروق ايڇ نائيڪ معرفت داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل منظور ڪئي وڃي ۽ اپيل تي فيصلي تائين بحريا ٽائون جي 7 آگسٽ تي ملڪيتن جي نيلامي جو عمل روڪيو وڃي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بحريا ٽائون طرفان ملڪيتن جي نيلامي روڪڻ جون درخواستون رد ڪندي نيب کي پراپرٽيز نيلام ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.
ان حوالي سان نيب طرفان ٻڌايو ويو هو ته ملڪ رياض جي ملڪيتن جي نيلامي 7 آگسٽ تي نيب جي راولپنڊي آفيس ۽ جي سڪس ون اسلام آباد ۾ ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.