بلوچستان جي حقيقي صورتحال جهڙي فلم ٺاهيون ته روڪيو ٿو وڃي: پاڪستاني هدايتڪار

ناليواري اداڪارا، ميزبان ۽ هدايتڪار ياسر حسين تي هڪ انٽرويو ۾ بلوچستان جي صورت تي ڳالهايو آهي.

ياسر حسين چيو آهي ته بلوچستان ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو اتي جي ماڻهن لاءِ روز جو معمول آهي، پر جڏهن ساڳيون حقيقتون ڪنهن فلم يا شارٽ فلم ۾ ڏيکاريون وڃن ته انهن کي روڪيو وڃي ٿو.

هن الزام هنيو ته ملڪ اندر حقيقتن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ياسر حسين پنهنجي فلم "جاويد اقبال” جو حوالو ڏيندي چيو ته اها هڪ سچي واقعي تي ٻڌل فلم هئي، پر سينسر بورڊ ان ۾ اهڙيون تبديليون ڪرايون جو فلم جي اصل صورت ئي بگاڙي وئي.

هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن آمريڪا ۾ ڪو سيريئل ڪلر هجي ته اتي ان تي فلم ٺهي سگهي ٿي، پر اسان وٽ جڏهن ڪا سچي ڪهاڻي بيان ڪئي وڃي ته ان کي روڪيو وڃي ٿو يا تبديل ڪيو وڃي ٿو، جيڪو سراسر زيادتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.