ماهر اداڪار، ميزبان ۽ هدايتڪار ياسر حسين تازو هڪ انٽرويو ۾ پاڪستاني فلم انڊسٽري ۽ ان تي لاڳو پابندين بابت پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن.
هن چيو ته سڀ کان پهريان اسان کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته اسان جو ثقافتي نظريو ڇا آهي؟ ڇا اسان 70 واري ڏهاڪي کان اڳ واري ڪلچر کي مڃيون ٿا يا 70 کان پوءِ واري دور کي؟
هن زور ڏنو ته ماضي ۾ ميڊم نور جهان جي فلمن ۾ خوبصورت آئٽم سانگز شامل هوندا هئا، ته پوءِ اوچتو اهي اسان جي ڪلچر مان ڪيئن ختم ٿي ويا؟ ياسر حسين جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پاڪستاني فلمن ۾ آئٽم نمبرز شامل ڪيا وڃن ته اهي معياري هجڻ گهرجن، رڳو رسم پوري ڪرڻ لاءِ نه، ڇاڪاڻته جڏهن ماڻهو نورا فتيحي جا آئٽم سانگ ڏسندا آهن ته پوءِ هتان جا غير معياري گانا ڪنهن کي وڻندا؟