هر سال رڪشا ٻنڌڻ جي موقعي تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي راکي ٻڌندڙ قمر محسن شيخ هن سال به پنهنجي هٿن سان ٻه راکيون تيار ڪيون آهن ۽ هاڻ هوءَ وزيراعظم هائوس طرفان دعوت جي منتظر آهي.
قمر محسن شيخ جو واسطو ڪراچي، پاڪستان سان آهي، جيڪا 1981ع ۾ شادي کانپوءِ ڀارت منتقل ٿي وئي هئي، هوءَ گذريل 30 ورهين کان نريندر مودي کي راکي ٻڌي رهي آهي، هن سال به هن ٻه راکيون تيار ڪيون آهن.
قمر محسن شيخ جو چوڻ آهي ته هوءَ ڪڏهن به بازار مان راکيون ناهي وٺندي پر هر سال پنهنجي هٿن سان ٺاهيندي آهي ۽ پوءِ وڏي محبت سان وزيراعظم جي هٿ تي ٻڌندي آهي.
وزيراعظم مودي سان پنهنجي پهرين ملاقات کي ياد ڪندي قمر محسن شيخ ٻڌايو ته ان وقت مودي جي راشٽريا سويم سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) جو ڪارڪن هو، مودي جي ان کان پڇيو ته هوءَ ڪيئن آهي ۽ اها مختصر ڳالهه ٻولهه ئي ان رشتي جي بنياد بڻجي وئي، جيڪو ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان جاري آهي.
قمر محسن شيخ ٻڌايو ته هڪ ڀيرو رڪشا ٻنڌڻ جي موقعي تي هوءَ دعائون ڪري رهي هئي ته مودي جي گجرات جو وزيراعليٰ بڻجي ۽ جڏهن اها دعا قبول ٿي ته مودي جي ان کان پڇيو ته هاڻ ڪهڙي دعا ڪندين؟ ان تي هن جواب ڏنو ته هوءَ چاهي ٿي ته مودي ڀارت جو وزيراعظم بڻجي ۽ اڄ هو ان عهدي تي پنهنجو ٽيون مدو پورو ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته هوءَ 2024ع ۾ دهلي جو سفر ڪرڻ جي قابل نه هئي پر هن سال کيس وزيراعظم آفيس طرفان دعوت نامو ملڻ جي اميد آهي ۽ هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ دهلي وڃي راکي ٻڌڻ جي روايت کي جاري رکڻ چاهي ٿي.
You might also like