عربي موسيقي تي بيلي ڊانس: ناليواري اداڪارا بولڊ سين وڊيو اپلوڊ ڪرڻ تي تنقيد جي وَر

ناليواري اداڪارا مهر بانو هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻي آهي.

هن ڀيري به تنقيد جو سبب سندس نامناسب جهمر بڻيو، جتي هن عربي موسيقي تي بيلي ڊانس ڪندي هڪ وڊيو انسٽاگرام تي شيئر ڪئي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته رقص لاءِ اداڪارا  انتھائي مختصر ۽ غير موزون لباس پهريو، جنهن تي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن سخت ردعمل ظاهر ڪيو.

واهپيدارن هن وڊيو کي "فحش” ۽ "غير اخلاقي”  قرار ڏيندي، مهر بانو کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو.

هڪ واهپيدار طنز واري انداز ۾ سوال ڪيو ته: "هن وڊيو مان ڇا مليو؟ خوشي؟ شهرت؟ يا پيسا؟”

ياد رهي ته اداڪارا مهر بانو ماضي ۾ به پنهنجي بولڊ انداز، ڊانس وڊيوز ۽ فيشن سبب بار بار تنقيد جو شڪار بڻجي چڪي آهي.

تنهن هوندي به هوءَ اڪثر پنهنجي پوسٽن ۽ بيانن ۾ تنقيد کي نظرانداز ڪندي، پنهنجي فن ۽ آزادي جو دفاع ڪندي نظر آئي آهي.

مهر بانو ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي ۽ سندس ڪردار ماڻهن ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.