توانائي جي دنيا ۾ انقلاب، دنيا جي سڀ کان طاقتور بيٽري لانچ، 10 لک گهر روشن ڪرڻ جي صلاحيت

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا توانائي جي شعبي ۾ هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي ”وراتا سپر بيٽري“ جو باضابطا طور افتتاح ڪري ڇڏيو، جيڪا هاڻ آئوٽ پٽ جي لحاظ سان دنيا جي سڀ کان طاقتور بيٽري بڻجي چڪي آهي.
اها جديد سپر بيٽري Akaysha Energy جي انتظام هيٺ نيو سائوٿ ويلز ۾ لڳائي وئي آهي، اها هن وقت 350 ميگا واٽ بجلي فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته مستقبل ۾ ان جي صلاحيت کي 850 ميگا واٽ تائين وڌائڻ ۽ هڪ ڪلاڪ لاءِ 10 لک گهرن کي بجلي فراهم ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
وراتا سپر بيٽري کي خاص طور تي آسٽريلوي گرڊ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سسٽم انٽيگريٽي پروٽيڪشن اسڪيم جي سپورٽ طور تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن اها وقت کان اڳ ڪوئلي تي دارومدار ختم ٿيندي 2035 تائين ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهرن کي بند ڪري سگهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته بيٽري هڪ پراڻي ڪوئلي جي پلانٽ واري جاءِ تي تعمير ڪئي وئي آهي ۽ اها ملڪ ۾ شمسي توانائي جي غير معمولي پيداوار کي بهتر طريقي سان منظم ڪرڻ ۾ به مدد ڏيندي، خاص طور تي انهن وقتن ۾، جڏهن سج جي روشني جي گهڻائي هوندي آهي ۽ پيداوار روايتي ڊيمانڊ کان وڌي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.