واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر ڀارت تي وڌيڪ ٽيرف لاڳو ڪيا ويندا. ان حوالي سان ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ڀارت جي موجوده 25 سيڪڙو ٽيرف ۾ جلد ڪافي اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته ڀارت روس کان تيل خريد ڪرڻ جاري رکيو آهي، جيڪو روس جي يوڪريني جنگي مشين لاءِ ٻارڻ مهيا ڪري رهيو آهي. ڀارت جو هي عمل مون لاءِ قابل قبول ناهي ۽ مان ان سان خوش نه آهيان.