اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي نائب صدر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته حڪومت جي خواهش اها آهي ته ملڪ ۾ اپوزيشن جو وجود ئي نه هجي، ٻُوسٽ وارو ماحول آهي،ماڻهو پنهنجوحتجاج به رڪارڊ نٿا ڪري سگهن،عمران خان مقبول اڳواڻ آهي،اڄ به اليڪشن ڪرايو، پي ٽي آءِ کي 8 فيبروري کان وڌيڪ ووٽ ملندا،حڪومت خوف جي فضا ٺاهي چوي ٿي ته ملڪ ۾ احتجاج ناهي ٿيو،هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڦڙتي ڏيکاريندي پي ٽي آءِ ميمبرن کي نااهل ڪري ڇڏيو،هن چيو ته 27هين ترميم اچي رهي آهي،ان سان ڀونچال ايندو،پي ٽي آءِ لاءِ موقعو آهي،ننڍي چونڊ ۾ ڀرپور حصو وٺي،اسان کي خبر آهي ته وري فارم 47 وارا ماڻهو چونڊيا ويندا پر سياسي سرگرميون ٿيڻ گهرجن،شگر اسڪينڊل اچي چڪو آهي، هاڻي ماڻهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ته هي نظام نٿو هلي سگهي،حڪومت خلاف گنجائش پيدا ٿيڻ واري اهي،اين ايف سي ۾ ترميم ٿئي ته سياسي قوتن کي موقعو ملي ويندو،گورننس ٺيڪ ڪرڻي پوندي،