ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس جي وزير مڪيش ڪمار چاولا ملاقات ڪري ڪارڪردگي بابت تفصيلي آگاهي ڏني ۽ ٻڌايو ته 7 ارب رپين جي ماليت واري رڪارڊ منشيات ضبط ڪئي آهي، ملاقات ۾ سيف سٽي پراجيڪٽ تحت گاڏين لاءِ سيڪيورٽي فيچرز سان ليس نمبر پليٽن جاري ڪرڻ بابت اڳڀرائي تي به خيال ونڊيا، بلاول عوامي سهولت کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي فيچر وارين نمبر پليٽن جي ڊيڊ لائين ۾ واڌ جي هدايت ڪئي، سندس هدايت تي صوبائي وزير اعلان ڪيو ته هاڻ گاڏين تي نمبر پليٽن لڳائڻ جي آخري تاريخ 14 آگسٽ مان وڌائي 31 آڪٽوبر ڪئي وئي آهي.