غوثپور ڀرسان پراڻي تڪرار تان رڪشا ڊرائيور قتل، لاش رکي ڌرڻو

غوثپور (عبدالجبار اوڳاهي) جمال ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ خادم ڀيو وٽ نامعلوم هٿياربندن رڪشا ڊرائيور رمضان لولئي کي روڪڻ بعد سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول جو تعلق ڳوٺ ڪانڊيرو لولئي سان هو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش رورل هيلٿ سينٽر ڪرمپور منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعو ٻڌي مقتول جي امڙ بيهوش ٿي پئي، جڏهن ته ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانيل آهي. وارثن لاش مئن بس اڏي تي رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب پنجاب کان سنڌ ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. احتجاج جي اڳواڻي صابر، مٺل، اميد علي ۽ راجه لولئي ڪئي. احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته رمضان کي جعفري برادري جي ماڻهن پراڻي تڪرار تان قتل ڪيو، ۽ اڃا تائين ڪيس داخل نه پيو وڃي، ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.