واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت تي وڌيڪ ٽيرف لڳائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي، سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڀارت نه صرف وڏي مقدار ۾ روسي تيل خريد ڪري رهيو آهي، پر ان کي اوپن مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري منافعو به ڪمائي رهيو آهي، ڀارت کي ڪا به پرواهه ناهي ته يوڪرِين ۾ روسي جنگي مشين ڪيترا ماڻهو ماري رهي آهي، انڪري مان هاڻ ڀارت تي ٽيرف ۾ وڌيڪ اضافو ڪندس، ياد رهي ته ٽرمپ ڀارت تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ٻي پاسي ڀارت احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڀارت تي تنقيد ڪندڙ ملڪ پاڻ روس سان واپار ڪري رهيا آهن، هن پسمنظر ۾ ڀارت کي نشانو بڻائڻ غير منصفاڻو ۽ غير معقول آهي، ڪنهن به وڏي معيشت وانگر، ڀارت به پنهنجي قومي مفادن ۽ معاشي سلامتي جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو.