اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ حڪومت توڙي مخالف ڌر ميمبرن پنجاب جي اڳوڻي گورنر ميان اظهر جي وفات تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي جڏهن ته گرفتارين تي پي ٽي آءِ احتجاج ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس۾ مخصوص سيٽ تي چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرارم حامد قسم کنيوعامر ڊوگرچيو ته اسان جي ڪارڪنن جو سياسي قتل ڪيو ويوآهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ جاري آهي. اجلاس جي شروعات تي ئي تحريڪ انصاف احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. حماد اظهر جي والد ميان اظهر جي وفات تي دعا گهري وئي. عامر ڊوگر قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته ميان اظهر جي دعا سان گڏ، جمهوريت جي قتل جي به دعا ڪرائي وڃي. اسان جا حوصلا بلند آهن.عمر ايوب، زرتاج گل،احمد چٺه،صاحبزاده حامد رضا ۽ جمشيد دستي جو به سياسي قتل ڪيو ويو. اجلاس دوران پارليامينٽ هائوس جي احاطي ۾ سيڪيورٽي جا سخت ترين انتظام ڪيا ويا. اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا تي مڪمل پابندي لاڳو رهي. صحافين لاءِ صرف پريس گيلري ڪارڊ مؤثر هئا. عارضي ڪارڊ رد ڪيا ويا. وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو ته سياست ۾ نفرت ايتري وڌي وئي آهي جو هاڻ اسان هڪ ميز تي ويهڻ لاءِ تيار ئي ناهيون. سڀني کي پنهنجي، پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ميان اظهر هميشه محبت ۽ خلوص سان ملندا هئا.سياستدان هڪٻئي سان ملڻ کان به پاسو ڪري رهيا آهن. شهباز شريف جڏهن وزيراعظم بڻيا ته ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي، پر سياسي نفرت رڪاوٽ بڻجي وئي. هن چيو ته اوهان وٽ سمجهدار ماڻهو آهن، گڏجي ويهي مسئلن جو حل ڳوليو. ڳالهه اتي ئي ختم ٿيڻ گھرجي، جتان واپسي ممڪن هجي. شهباز شريف جي ماءُ جي لاش جي موجودگي ۾ به عدالت ۾ شاهدي رڪارڊ ڪئي وئي. علي محمد خان چيو ته منهنجي ذاتي طور ميان اظهر سان گڏ گهڻو وقت نه گذريو، پر هو تمام شائسته، سنجيده ۽ متوازن شخص هئا. 16 مهينا گذري ويا، هو پنهنجي پٽ (حماد اظهر) سان نه ملي سگهيا. خواجه آصف چيو ته ميان اظهر سٺو انسان ۽ صاف سياست ڪندڙ شخص هئا. هن چيو ته هاڻ حالتون ايتريون خراب ٿي ويون آهن جو پي ٽي آءِ جو ڪو به رڪن اسان سان هٿ ملائڻ جي همت نه ٿو ڪري. ميان اظهر سڀني سان گرمجوشي سان ملندا هئا . راجا پرويز اشرف چيو ته ميان اظهر انتهائي نفيس انسان هئا. ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ميان اظهر جو سياسي سفر جمهورت جي هيٺين سطح تان شروع ٿيو. هن بلدياتي حڪومتن جي خودمختياري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. وفاق وزير رانا تنوير حسين چيو ته منهنجو ميان اظهر سان پراڻو تعلق رهيو. سياسي اختلاف جي باوجود، مارشل لا جي دور ۾ به هن شرافت سان وقت گذاريو. اجلاس جاري هو ته عطا تارڙ جي بيان تي وري مخالف ڌر احتجاج ڪيو. وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو ته ميان اظهر جو وڃڻ اسيمبلي لاءِ وڏو نقصان آهي. هن چيو ته شهباز ۽ نواز شريف جي والده جي فوتگي تي ٻنهي پٽن کي به نه ملڻ ڏنو ويو. هن چيو ته 9 مئي تي توهان حملو ڪيو، شهيدن جي يادگارن کي ٽوڙيو، ڪرنل شير خان جو مجسمو ڊاهيو ويو. 9 مئي جو حساب ڏيڻو پوندو. معافي ته پري، افسوس به نه ڪيو ويو. هي منصوبابندي سان حملو هو، سزا قانون مطابق ملي آهي. جيڪڏهن اختلاف آهي ته عدالت وڃو، هتي شور شرابو نه ڪريو. ان بيان تي اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج ڪيو. لطيف کوسي چيو ته ڇا اهي جمهوريت جو قتل چاهين ٿا،حماد اظهر جا ڪيس ختم ڪريو يا واضح طور تي چئو ته اسان وٽ اختيار ناهن،هن پارليامينٽ جي ڪيستائين بي توقيري ٿيندي رهندي،سياسي ڪيسن سبب ڪو ايم اين اي فوت ٿئي ٿو ته ان جو جنازو سندس ٻار به نٿا کڻي سگهن،پي ٽي آءِ جي ثناالله مستي خيل چيو ته پاڪستان کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيو، حماد اظهر ڪيسن سبب در بدر گهمي رهيو آهي،شهريار آفريدي چيو ته اڄ حماد اظهر ن ليگ جي ٽڪيٽ تان اليڪشن وڙهي ته ڇا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو؟سڀ ڪيس ختم ٿي ويندا،اڄ هن پارليامينٽ مان آواز وڃڻ گهرجي ته سياست جي نالي تي ڪنهن به ايم اين اي جي مائرن ڀينرن جي تذليل نه ٿيڻ گهرجي،ميان اظهر مهذب انسان هو .