غزا ۾ اسرائيلي فائرنگ ۾ وڌيڪ 92 فلسطيني شهيد

غزا(م ڊ)غزا تي اسرائيلي حملا جاري، تازين ڪارروائين ۾ وڌيڪ 92 فلسطينی شهيد ٿي ويا، عرب ميڊيا موجب شهيدن مان 38 ماڻهو اهي هئا، جيڪي امدادي مرڪزن جي ويجهو بيٺل هئا ۽ امداد جا منتظر هئا، جڏهن اسرائيلي فورسز کين سڌي فائرنگ جو نشانو بڻايو، غزا جي وزارتِ صحت جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر 2023 کان هيل تائين بک ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب 169 فلسطينی فوت ٿي چڪا آهن، جن مان 93 ٻار به شامل آهن، سرڪاري بيانن موجب، گذريل ڏينهن صرف 36 امدادي ٽرڪون غزا انڪليو ۾ داخل ٿيون، جڏهن ته ضرورت 600 ٽرڪن جي آهي، اقوامِ متحده جي اداري انروا اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته زميني رستن رستي امداد جو سلسلو وڌايو وڃي، ڇاڪاڻ⁠تَه هوائي امداد ڪافي نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.