سڊني (م ڊ)برسات، قانوني رڪاوٽن ۽ سرڪاري مخالفت جي باوجود آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ فلسطين جي حمايت ۾ هڪ وڏو احتجاجي مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ ابتدائي انگن اکرن مطابق لڳ ڀڳ 90 هزارماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ته منتظمين موجب شرڪت ڪندڙن جو انگ 1 لک کان به مٿي هو، مظاهري ۾ وڪي ليڪس جي باني جوليئن اسانج، اڳوڻي آسٽريلوي پرڏيهي وزير باب ڪار ۽ حڪومت جو رڪن پارليامينٽ اِيڊ هوسيچ به شرڪت ڪئي، غير ملڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب سڊني جي مشهور هاربر برج کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو ۽ مظاهرو ڪندڙن لينگ پارڪ مان مارچ جي شروعات ڪئي، هوڏانهن تل ابيب، لنڊن، مانچسٽر سميت ڪيترن ئي ملڪن جي شهرن ۾ غزا جي حمايت ۾ مظاهرا ڪيا ويا، تل ابيب ۾ به اسرائيلي شهري وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته غزا ۾ فوري جنگ بندي ڪئي وڃي ۽ يرغمال بڻايل ماڻهن کي آزاد ڪرايو وڃي، اسرائيلي مظاهرين ساحل تي گڏ ٿي، فلسطين ۾ شهيد ٿيل ٻارن جي تصويرن سان احتجاج ڪيو، ٻئي طرف، لنڊن ۽ مانچسٽر ۾ به سوين ماڻهن خالي برتن وڄائي احتجاجي ريليون ڪڍيون، جڏهن ته مراڪش ۾ آمريڪي سفارتخاني اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين، آمريڪا جي حمايت سان غزا ۾ جاري نسل ڪشي ۽ زبردستي پيدا ڪيل ڏڪار خلاف سخت نعرا هنيا، ان کان علاوه، فرانس، ڏکڻ آفريڪا ۽ يمن ۾ به غزا جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.