شمس الاسلام ڪيس:شاهد آفريدي، مقتول ۽ قاتل ۾ ٺاهه ڪرايو هو

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 6 ۾ ناليواري وڪيل خواجا شمس الاسلام جي قتل ڪيس جي جاچ تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ جوابدار جي اعترافي بيان سان واقعي جون اهم ڳالهيون سامهون اچي ويون آهن. پوليس ۽ ذريعن موجب قتل جو پس منظر پراڻي دشمني ۽ ذاتي انتقام سان جڙيل آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ هڪ اهم موڙ تڏهن آيو، جڏهن هڪ نالي واري جوابدار دعويٰ ڪئي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي، مقتول شمس الاسلام ۽ مبينا قاتل جي وچ ۾ صلح ڪرائي هئي، جوابدار ۽ پوليس اهلڪار تقدير آفريدي جو وڊيو بيان به سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو ته هو 21 سالن کان پوليس ۾ آهي ۽ ڪڏهن به معطل ناهي ٿيو، نه ئي سندس خلاف ڪو به ڏوهي رڪارڊ آهي. هن الزام هنيو ته خواجه شمس الاسلام سندس گهر تي ٻه ڀيرا ڇاپا هڻايا، دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرايا ۽ سندس خاندان جي عورتن کي به ڪيسن ۾ گهليو، تقدير آفريدي موجب شاهد آفريدي جي ڪوششن سان 20 مارچ 2025 تي ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه طئي ٿي هئي، جنهن تحت خواجا شمس الاسلام ديت ڏيڻ، جڏهن ته عمران آفريدي پنهنجي والد جو ڪيس واپس وٺڻ تي راضي ٿيا هئا، پر، صلح کان پوءِ به قانوني ڪارروايون جاري رهيون، جنهن سان معاملو ٻيهر خراب ٿي ويو، تقدير آفريدي چيو ته هو بيگناهه آهي، پر ان باوجود خواجه شمس الاسلام سندس خلاف ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم لڳرائڻ سان گڏوگڏ 14 نومبر 2024 واري ڪيس ۾ فيملي ٽري ڪڍرائي سندس عورت ميمبرن کي به نامزد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن شڪايت ڪئي ته شمس الاسلام بيگناهن کي ڪيسن ۾ شامل ڪرائيندو رهيو، ۽ سندن خاندان سان زيادتيون ٿينديون رهيون، پر ڪنهن به هنڌ کان انصاف نه ملي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.