سنڌ ۾ ڦرلٽ جو نظام مڙهيو ويو آهي:رياض چانڊيو

لاڙڪاڻو (پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته سنڌ ۾ لٽ مار جو نظام لاڳو آهي سنڌ جي ماڻهنجي حقيقي ترقي روڪي وسيلا کڻي جياپي جا روزگار جا وسيلا کڻي سنڌ جي ماڻهن مٿان رڳو بک مسلط ڪئي وئي آهي اڄ هيءَ حالت آهي ته جبري پورهيو ڪندڙ ٻارن جو انگ سورنهن لک کان وڌي ويو آهي،هن چيو ته 76 لک ٻار سنڌ جا اسڪولن کان ٻاهر آهن جيڪي تعليم پرائي نٿا سگهن لکين ٻار غربت جي ڪري بک کان مري رهيا آهن جن جي مائرن جي ڇاتي ۾ غربت جي ڪري کير نه آهي اهڙي خيالن جو اظھاذ محاذ سربراه لاڙڪاڻي ڊويزن جي تنظيمي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو رياض علي چانڊيو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي وسيلن تي اختيار نه آهي عام ماڻهون وٽ باوقار زندگي گذارڻ جو اختيار نه آهي ،هتي جمهوريت ڪڏهن به نه رهي آهي هتي برابري جي فيڊريشن انصاف جو سياسي نظام نه رهيو آهي اسان جي ترقي هٿراڌو نظام ذريعي  روڪي وئي آهي تنهنڪري ان خلاف اسان کي پرامن جدوجهد ڪرڻي پوندي اجلاس ۾ سنيئروائيس چيئرمين عزيزالله ڀٽو جنرل سيڪريٽري غفارميرجت ذوالفقار بليدي پريس سيڪريٽري اياز سولنگي حبدار ميرجت ابرار مورائي اياز لولائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.