سکر(رپورٽ:نعيم شاھ)سکر سنڌو درياھ ۾ پاڻي جو تيز وهڪرو پهچي ويو، سکر ۽ خيرپور جي ڪچي وارن علائقن ۾ ننڍي ٻوڏ جوخطرو سکر توڙي خيرپور جي ڊپٽي ڪمشنرن توڙي آبپاشي عملدارن ڪچي جي ماڻهن لا ڪوبه ٻوٽو نه ٻاريو صرف پڪي ڏانهن حفاظتي هنڌن تي لڏ پلاڻ ڪرڻ جا سائرن وڃائڻ تائين محدود ڪچي جا ڪيترائي خاندان حڪومتي توڙي ضلعي انتظاميا سکر ۽ خيرپور جو رويو ڏسي سخت مايوسي جو شڪار بڻجي ويا پرائيويٽ ٻيڙيون ڪچي مان پڪي ڏانهن ڀاڙي تي لڏپلاڻ ڪرائڻ لڳا ڪوبه سياسي نمائندو توڙي ضلعي انتظاميا سندن واٽ دياھه جي بند تائين به لڙي ڪونه آيو ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌو درياھ سکر وٽ گذريل 24 ڪلاڪن پاڻي تيز وهڪرو جاري ۽ پاڻي جي وهڪرن ۾ مسلسل اضافو اچي رهيو آهي جنهن سبب سکر ۽ خيرپور ضلعن جي ڪچي وارن علائقي ۾ ڳوٺ سکيو خان جتوئي، ڳوٺ راميجا،ڪوٽ پل جو ڪچو، ڪوٽ ميرمحمد وارو ڪچو، پريالوءِ وسرو ڪچو،فيض محمد ٻنڊو مان پاڻي جو تيز وهڪرو وڃي ڪيٽي ممتاز ڀٽو، ڪيٽي کرل، ڪيٽي جهانگير، ڪيٽي پاڳارا، گلپ سيال ڳوٺ صادق ڪلهوڙو سميت سکر توڙي خيرپور جا هيٺيان سمورا علائقا ٻوڙي خيرپور لاڙڪاڻو کان پاڻي ڪراس ڪري وڃي دادو جي ڪچي وارن علائقن ۾ پهتو آهي جنهن ڪري سکر ۽ خيرپور جي ڪچي واري علائقن ۾ ماڻهن جو رهڻ مشڪل ٿي ويو .