ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ) ايڊووڪيٽ خواجا شمس الاسلام جي قتل جو معاملو هڪ عجيب رخ اختيار ڪري ويو آهي، مقتول وڪيل جو ڊرائيور ۽ اڳوڻو محافظ، هيڊ ڪانسٽيبل نبي گل آفريدي به اڳ ۾ قتل ٿيو هو، جنهن جو الزام سندس پٽن پاران خواجا شمس الاسلام تي لڳايو ويو هو. نبي گل جو پٽ ايڊووڪيٽ شمس الاسلام کي مسجد جي احاطي ۾ قتل ڪري فرار ٿي ويو. پوليس ڪلفٽن بوٽ بيسن مان نبي گل جي ٻن ويجهن مائٽن، 15 ورهين جي محمد آفريدي ۽ 19 ورهين جي اقبال آفريدي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن تي آفريدي برادري سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. سندن مطالبو آهي ته معصوم نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي، ڇو ته سندن ڪيس سان ڪو واسطو ناهي. هوڏانهن وڪيل برادري سراپا احتجاج آهي ته قتل ڪندڙن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي،ٻئي پاسي هڪ نئون تڪرار به سامهون آيو آهي، هڪ ٿري نوجوان ۽ هڪ معزز شخصيت جي ڌيءُ جي وچ ۾ لاڳاپن سبب ٿري مبينا طور نبي گل کي 35 لک رپين جي آڇ سان ٿري نوجوان کي قتل ڪرائڻ لاءِ چيو ويو، بعد ۾ ٿري نوجوان کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو.قتل کانپوءِ نبي گل ڪراچي مان فرار ٿي ويو هو پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪراچي موٽي آيو ته لاڳاپيل معزز شخصيت مٿس ڏمرجي پيو ته تون ڇو موٽي آيو آهين؟ نبي گل جي پوليس ۾ نوڪري هجڻ ڪري موٽي آيو هو، ڪجهه وقت کانپوءِ نبي گل کي اغوا ڪيو ويو بعد ۾ نبي گل جو لاش مليو. ان کانپوءِ مقتول نبي گل جي ٻارن شڪ ۾ وڪيل شمس الاسلام خلاف ڪيس داخل ڪيو هو ۽ نبي گل جو پٽ اڳ به مٿس حملو ڪري چڪو هو جنهن کانپوءِ آفريدي برادري جا 15 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا هئا. قتل واري واردات بعد آفريدي برادري وڪيل جي قتل تي سرهائي ۾ آهي، جڏهن ته وڪيل برادري غمگين ۽ سراپا احتجاج بڻيل آهي،ياد رهي ته جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.