پير جو ڳوٺ/پريالوءِ( رپورٽ:وسيم سنڌي/ عامر صوبل اوڍو)پيرڳوٺ ڀرسان فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مينگهلو خروس ۾ خروس برادري جي ٻن ڌرين هزار خان خروس ۽ صاحب خان خروس واري ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان علي خان ولد صاحب خان خروس کي گوليون هڻي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڀاءُ 10 ورهين جي احسان علي خروس کي مبينا طور اغوا ڪري کڻي ويا آهن. واقعي جي اطلاع تي فيض محمد ٻنڊو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ان سلسلي ۾ مقتول نوجوان علي خان خروس جي وارثن جو چوڻ آهي ته برادري جي هزار خان عرف هزارو خروس واري ڌر سان پراڻو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان علي خان کي قتل ڪيو آهي. هنن الزام لڳايو ته اسان جي هڪ نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد ساڻس گڏ معصوم نينگر احسان خروس کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، جنهن کي فيض محمد ٻنڊو پوليس هن وقت تائين بازياب ناهي ڪرائي سگهي خدشو آهي ته کيس به قتل ڪيو ويندو، ٻئي طرف فيض محمد ٻنڊو پوليس جو چوڻ آهي ته هزار خان ۽ صاحب خان خروس واري ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي، مقتول نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، اغوا ڪيل نينگر کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جنهن کي با حفاظت بازياب ڪرايو ويندو.