ڪراچي (رپورٽر) سينيئر وڪيل خواجه شمس الاسلام جي قتل واري واقعي تي سنڌ بار ڪائونسل پاران سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو آهي، ۽ اڄ 4 آگسٽ تي صوبي ڀر جي عدالتن ۾ ڪارروائي جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي۔سنڌ بار ڪائونسل پنهنجي جاري ڪيل اعلاميي ۾ چيو آهي ته قاتل جي طرفان اعترافِ جرم ڪرڻ باوجود پوليس طرفان گرفتار نه ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي، جيڪو قانوني نظام لاءِ هڪ وڏو سوال آهي،مقتول وڪيل جي وارثن کي به سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جيڪا صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي،ترجمان چيو ته قاتل جي عدم گرفتاري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي لاپرواهي ۽ بي حسي کي ظاهر ڪري ٿي بار ڪائونسل آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته قاتلن کي ترت گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن قانون ۽ انصاف تي ماڻهن جو اعتماد بحال ٿي سگهي