تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي ملٽري چيف چيو آهي ته اسرائيل طرفان خطرو اڃا تائين موجود آهي.
جنرل امير حاتمي موجب اسرائيل طرفان خطرو جيڪڏهن رڳو هڪ سيڪڙو به هجي ته ان کي 100 سيڪڙو سمجهڻ گهرجي.
واضح رهي ته جون ۾ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ 12 ڏينهن تائين جاري رهندڙ جنگ دوران اڳ ۾ اسرائيل، پوءِ آمريڪا به ايراني جوهري ملڪيتن کي فضائي حملن سان نشانو بڻايو هو.
پوءِ ايران به ميزائلن ۽ ڊرونز سان حملن جي صورت ۾ اسرائيلي ۽ آمريڪي ڪارروائين جو جواب ڏنو هو.
You might also like