سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي شهر سڊني ۾ هزارين ماڻهو غزا ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف روڊن تي نڪري آيا.
فلسطين جي حق ۾ تاريخي مارچ ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪري غزا پٽي ۾ جاري ڪارروائين جي مذمت ۽ جنگبندي جو مطالبو ڪيو.
وڪي ليڪس جي باني جوليان اسانج به مارچ ۾ گهر ڀاتين سان گڏ شرڪت ڪئي پر هن احتجاج ڪندڙن کي ڪو خطاب نه ڪيو، نه ئي ميڊيا سان ڳالهايو.
You might also like