اسلام آباد مان وڌيڪ 160 ڪلو هاڃيڪار گوشت پڪڙيو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد فوڊ اٿارٽي ڪارروائي ڪندي صحت لاءِ هاڃيڪار گوشت برآمد ڪري ورتو.
اسلام آباد فوڊ اٿارٽي جو هاڃيڪار گوشت وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، تازي ڪارروائي ۾ 160 ڪلو هاڃيڪار گوشت پڪڙيو ويو، گوشت کڻي ويندڙ گاڏي جي گولڙا روڊ تي انسپيڪشن ڪئي وئي.
فوڊ اٿارٽي ترجمان چيو ته ميٽ سيفٽي ٽيم هاڃيڪار گوشت موقعي تي ضايع ڪري ڇڏيو، گوشت تي زبح خاني جو ٺپو به نه لڳل هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.