ريلوي اسٽيشنز تي مفت واءِ فاءِ سروس فراهم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير حنيف عباسي پنجاب ريلوي اسٽيشنز کي مفت واءِ فاءِ سروس ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي حنيف عباسي چيو ته حڪومت ريلويز ۾ گورننس کي بهتر بڻائڻ ۽ جديد نظام متعارف ڪرائڻ تي به ڌيان ڏئي رهي آهي.
هن چيو ته پنجاب حڪومت پاڪستان ريلوي ۾ 350 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪندي ته جيئن صوبي ۾ 8 برانچ روٽس کي بهتر بڻائي سگهجي.
سندس چوڻ هو ته پنجاب جي 40 ريلوي اسٽيشنز کي مفت واءِ فاءِ سروس سان ليس ڪيو ويندو، جڏهن ته مختلف ريلوي روٽس کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ اهڙي ئي قسم جي سهڪار لاءِ سنڌ حڪومت سان به ڳالهه ٻولهه جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.