ڀينڊي جيڪڏهن روزاني خوراڪ جو حصو بڻائجي ته اها صحت لاءِ حيران ڪندڙ فائدا فراهم ڪري سگهي ٿي. انهيءَ ڪري ئي ان کي “قدرتي ملٽي وٽامن” پڻ سڏيو ويندو آهي.
ڀينڊي جي روزاني استعمال جا ڪجهه اهم فائدا هتي ڏجن ٿا:
- ڀينڊي جا ٻج ۽ ان جو گودو رت ۾ شگر جذب ٿيڻ جي رفتار کي سست ڪن ٿا، جيڪو ذيابطيس جي مريضن لاءِ فائديمند آهي. ساڳئي وقت ان ۾ موجود ميگنيشيم، پوٽاشيم ۽ ڪيلشيئم هاءِ بلڊ پريشر ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا.
- ڀينڊي ۾ فائبر ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ موجود آهن، جيڪي ڪوليسٽرول گهٽائي دل کي بيمارين کان بچائين ٿا. ان جو فائبر نظام هاضمو بهتر ڪري ٿو ۽ قبضي کان بچائي آنڊن کي صحتمند رکي ٿو.
- ان کانسواءِ ڀينڊي گوڏن ۽ هڏين لاءِ به فائديمند آهي. ان ۾ موجود وٽامن K ۽ فولاد هڏين کي مضبوط ڪن ٿا ۽ سوڄ گهٽائين ٿا. جڏهن ته وٽامن C چمڙي کي چمڪندڙ ۽ وارن کي مضبوط بڻائي ٿو.
ڀينڊي کي گهڻو فراءِ ڪرڻ کان پاسو ڪيو، ان کي هلڪي باهه تي ۽ گهٽ تيل ۾ پچايو. جيڪڏهن ڀينڊي کي ٽماٽن، سنڍ ۽ ٿوم سان گڏ پچايو وڃي ته ان جي غذائي اهميت وڌي وڃي ٿي.