ڀمبر (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير جي صدر ۽ آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب عبدالقيوم نيازي سماهني ۾ ريلي کي خطاب ڪرڻ لاءِ پهتو هو، جتان کيس حراست ۾ ورتو ويو.
پوليس ٻڌايو ته ريلي ۾ شرڪت کان اڳ عبدالقيوم نيازي کي حراست ۾ ورتو ويو.
ڊي آءِ جي لياقت چوڌري موجب عبدالقيوم نيازي کي 16 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو ۽ سندس گرفتاري ڊپٽي ڪمشنر جي حڪم تي عمل ۾ آندي وئي.
اڳوڻو وزيراعظم عبدالقيوم نيازي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڀمبر پهتو هو.
واضح رهي ته سردار عبدالقيوم نيازي 4 آگسٽ 2021 کان 14 اپريل 2022 تائين آزاد ڪشمير جو وزيراعظم رهيو آهي.
You might also like