ملڪ ۾ چوماسي هوائون داخل، تيز برساتن جي اڳڪٿي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ چوماسي هوائون داخل ٿيڻ سان 4 کان 7 آگسٽ تائين تيز برساتن جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد، خيبر پختونخواهه، بلوچستان ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته 6 ۽ 7 آگسٽ تي اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، نارووال، مري ۽ گليات ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.
سياحن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ويو آهي ته مري، گليات، آزاد ڪشمير ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي.
اهڙي ريت بلوچستان جي اتر اوڀر ضلعن ۾ 6 آگسٽ تي آنڌاري ۽ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، برسات سبب هيٺيان علائقا ٻڏڻ جو خطرو آهي، جنهن سبب شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ اڳواٽ قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سياح برسات دوران سفر کان پاسو ڪن ۽ موسمي حالتن کان آگاهه رهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.