راولپنڊي (عوامي آواز نيوز) عوام پاڪستان پارٽي جي سيڪريٽري جنرل مفتاح اسماعيل چيو آهي ته جيڪي 244 ارب رپيا چوري ڪيا ويا آهن، اُهي عوام کي واپس ڪيا وڃن. هن چيو ته ملڪ جون ٽنهي وڏيون پارٽيون حڪومت ۾ رهيون، پر نه ڪا ترقي ڏٺي ۽ نه ئي ڪو سڌارو آيو.راولپنڊي ۾ عوام پاڪستان پارٽي جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته:ڀارت سان تعليم، معيشت، صحت ۽ روزگار جي ميدان ۾ مقابلو ۽ انهن شعبن ۾ کٽڻ ضروري آهي. ڇا 78 سالن ۾ ڇا اسان عوام کي بک، غربت ۽ بيروزگاري مان نجات ڏني جن ماڻهن کي نالين جي صفائي به نٿي اچي، سي ملڪ ڪيئن هلائيندا؟هن چيو ته:ڪڏهن چون ٿا ووٽ کي عزت ڏيو، اقتدار ۾ اچي چئو ٿا ته اسان کان وسري ويو، پوري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪول کان ٻاهر ٻار پاڪستان ۾ آهن”1990کان وٺي پاڪستان، بنگلاديش ۽ ڀارت جي ڀيٽ ۾ پوئتي پئجي ويو آهي،مفتاح اسماعيل دعويٰ ڪئي ته پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو ماڻهو خطِ غربت کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. اسان نٿا چون ته هي چور آهن، پر ايترو ته چئي سگهون ٿا ته اهي شيون مهانگيون ڪندڙ آهن.عوام چوندو آهي ته 140 رپيا ڪلو کنڊ به نٿي وٺي سگهون، ته پوءِ 200 رپين واري ڪيئن وٺنداسين؟”هن وڌيڪ چيو:بنگلاديش ۾ بجلي 25 رپيا يونٽ آهي، هتي 45 رپيا ڇو؟زيور وڪڻي بل ڀرڻ، ٻارن جي اسڪول فيس ادا نه ڪري سگهڻ – ڇا اها بي رحمي جي انتها ناهي”پاڪستان ۾ راڄ قانون ۽ آئين جو هئڻ کپي، ڪنهن فرد جو نه!ٻئي پاسي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ اينڪر پاران ڪرپٽو ۾ اسحاق ڊار جي پٽ جا 100 ملين ڊالر ٻڏي وڃڻ بابت سوال تي مفتاح اسماعيل چيو ته مون ڪڏهن به ڪنهن جو نالو ناهي ورتو،مان ڪو جاسوس ناهيان،مون به سڄي دنيا وانگر ڪنهن صحافي جي واتان اهو ٻڌو هو،اهو چوڻ منهنجو ڏوهه آهي،هن چيو ته مان اسلام آباد جي ڊرائنگ رومن ۾ 27هين ترميم جون چار ڪاپيون ڏسي چڪو آهيان