اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ) شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڀلي پوري اپوزيشن کي سزا ڏني وڃي، ملڪ پوءِ به نه هلندو. تفصيل موجب، اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي اسلام آباد ۾ هڪ تقريب دوران خطاب ڪندي، 9 مئي جي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي ڏنل سزائن تي ردعمل ظاهر ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت سڄي اپوزيشن کي سزا ڏئي، ضمني چونڊون به کٽي وڃي، ته به ملڪ نه هلندو. هن ملڪ اهڙي ريت هلائي ئي نٿو سگهجي، هي مان نٿو چوان، هي تاريخ چئي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ نه ڪو قانون آهي، نه انصاف، نه ئي عدالت. حڪومت شهرين کي سندن حق ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. اڄ ڇو هن ملڪ جا نوجوان هٿيار کڻن ٿا؟ اڄ بلوچستان ۽ فاٽا ۾ حالتون ڪهڙيون آهن؟