رات ڏينهن ڊراما ڏسڻ سبب منهنجو مڙس سان رشتو خطري ۾ آهي: عتيقا اوڍو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا عتيقا اوڍو چيو آهي ته منهنجي ازدواجي زندگي خطري ۾ آهي.
نجي ٽي وي چينل جي شو ۾ ڳالهائيندي عتيقا اوڍو چيو ته مان اڄڪلهه پاڪستاني ڊراما شوق سان ڏسندي آهيان، منهنجي مڙس سان منهنجو رشتو خطري ۾ آهي، ڇو ته هو چوندو آهي تون رات ڏينهن هر وقت ڊراما ڏسندي رهندي آهين، تو وٽ مون سان ڳالهائڻ لاءِ وقت ناهي.
واضح رهي ته عتيقا اوڍو جي پهرين شادي 15 سالن جي عمر ۾ ٿي هئي، جيڪا 10 سال هلي سگهي، پوءِ هن پنهنجي مرضي سان ٻي شادي ڪئي هئي پر اها به ڪامياب نه ٿي سگهي.
اداڪارا پنهنجي ٻن شادين جي ناڪامي کانپوءِ جون 2012 ۾ ثمر علي خان سان پرڻو ڪيو، جيڪو 2013 کان 2018 تائين سنڌ اسيمبيل ميمبر رهي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.