ٽائيپ ٽو ذيابطيس هڪ اهڙي بيماري آهي، جيڪا آهستي آهستي وڌندي رهي ٿي، اهو مرض هلندي هلندي انتهائي خطرناڪ بڻجي ويندو آهي پر تنهن باوجود به طرز زندگي کي مٽائي ڪجهه مخصوص ڳالهين جهڙوڪ مناسب کاڌ خوراڪ ۽ پنڌ ڪرڻ تي عمل ڪري ان مرض کي بنا ڪنهن پريشاني جي نارمل رکي سگهبو آهي.
اڄ اسان اوهانکي شگر جي مرض تي ضابطو رکڻ نه پر ان جي شروعاتي علامتن بابت ٻڌائينداسين ته ان مرض جون شروعاتي علامتون ڪهڙيون هونديون آهن جيڪي گهڻي قدر ماڻهو نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ان مرض جون ڪجهه شروعاتي نشانيون اهڙيون آهن، جيڪي وقت سر سڃاڻي مرض تي وڏي حد تائين ضابطو آڻي سگهجي ٿو.
شگر ٿيڻ کان اڳ ڪهڙيون علامتون ظاهر ٿينديون آهن، اچو ته انهن بابت ڄاڻيون ٿا.
وڌيڪ يا گهڙي گهڙي پيشاب اچڻ به ٽائپ ٽو ذيابطيس جي سڀ کان عام شروعاتي علامتن مان هڪ آهي. مطالعي مان ثابت ٿيو آهي ته جن ماڻهن جو بلڊ شوگر ليول وڌيل هوندو، انهن کي عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ۽ گهڙي گهڙي پيشاب ايندو آهي.
جيڪڏهن توهان کي وڌيڪ اُڃ لڳندي آهي ته اها به شگر ٽائيپ ٽو جي علامت ٿي سگهي ٿي. ڇوته جسم پيشاب جي ذريعي وڌيڪ پاڻي نيڪال ڪندو آهي ۽ انڪري جسم ۾ پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ گهڙي گهڙي اُڃ وڌي وڃي ٿي.
ان سان گڏ بنا ڪنهن خاص سبب جهڙوڪ ڊائيٽنگ، واڪنگ يا جوگنگ ڪرڻ جي وزن گهٽجڻ به هڪ خبرداري واري نشاني ٿي سگهي ٿو. عام طور تي شگر ٽائيپ ٽو جو وزن وڌڻ سان تعلق هوندو آهي، پر ڪجهه ماڻهو ان بيماري سبب اوچتو وزن گهٽجڻ جو شڪار ٿي ويندا آهن.
کاڌي کانپوءِ به بک لڳڻ، ٿڪاوٽ ۽ توانائيءَ جي گهٽتائي به ان بيماري جون شروعاتي علامتون ٿي سگهن ٿيون.
ان کانسواءِ زخم دير سان ڀرڻ ۽ نظر جي ڌندلاڻ به شگر جي شروعاتي نشانيون ٿي سگهن ٿيون.
هٿن ۽ پيرن ۾ سنسناھٽ، عضون جو سن ٿي وڃڻ، سُڄڻ يا بي حسي محسوس ٿيڻ ۽ چمڙي تي ڪارا داغ، خاص طور تي ڳچي، ٻانهن جي هيٺان يا چيلهه جي چوڌاري ڪاراڻ به شگر ٽائيپ ٽو جي شروعاتي خبرداري جي علامت هوندي آهي.
شگر ۾ مبتلا ٿيڻ جا سبب ڪهڙا به ٿي سگهن ٿا پر جيڪڏهن توهانکي به وزن ۾ فوري طور تي گهٽتائي، هٿ پير سُن ٿيڻ، نظر گهٽجڻ، گهڙي گهڙي بُک ۽ اڃ لڳڻ توڙي پيشاب اچڻ جو مسئلو آهي ته فوري طور تي پنهنجي شگر ٽيسٽ ڪرائي وڌيڪ خطرن کان بچي سگهو ٿا.