نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مليالم فلم انڊسٽري جو ناليوارو اداڪار ڪلاڀاون نواس 51 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار جو لاش ڪوچي ۾ سندس هوٽل جي ڪمري مان هٿ آيو، هو فلم جي شوٽنگ لاءِ ڪوچي ۾ موجود هو.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اداڪار کي شيڊيول موجب ڪمرو خالي ڪرڻو هو پر چيڪ آئوٽ نه ٿيڻ تي هوٽل اسٽاف ڪمرو چيڪ ڪيو ته هو بيهوش هو، کيس فوري طور اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽر سندس موت جي تصديق ڪئي.
پوليس موجب اداڪار جي ڪمري مان ڪا شڪي شئي ناهي ملي پر موت جا ڪارڻ سامهون ناهن آيا، پوسٽ مارٽم کانپوءِ ئي حتمي خبر پوندي.
واضح رهي ته ڪلاڀاون نواس 1995 ۾ فلمي ڪيريئر شروع ڪيو ۽ ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.
You might also like