ھُو اسان جي اُونداھي سماج جو اُھو ڏِيئو آ جيڪو لِکڻ جي شُروعات کان ھن مھل تائين تسلسل سان پنھنجي لکڻين جي لاٽ وسيلي ھن سماج ۾ اوندھ کي ميٽائڻ لاءِ ۽ روشنيءَ پکيڙڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رھي ٿو، ھو صرف شاعرناھي، ھو گھڻ رخو محنتي ۽ متحرڪ ڪردار آھي.
هو استاد به آھي ته تاريخ جو شاگرد به آھي۔ هو اڳواڻ به آھي ته ڪارڪن به آھي۔ هو محقق به آھي ته سياح به آھي هو ليکڪ به آھي ته سگهڙ به آهي ته مقرر به آهي ته سماج سيوا ۾ به رضاڪاراڻا اڳڀرو رهندو آهي ۽ علم جو پياسو به آھي۔ جنھن کي علم ۽ ادب جي دنيا سان واڳيل ھرھڪ ماڻھو عزت جي نگاھ سان ڏسي ٿو، شھرت جي شوق، شور شرابي ۽ پاڻ پڏائڻ کان پري رھندڙ سنڌ جي ھن خوبصورت قلمڪار کي علمي ادبي، دنيا جا باشعورماڻھو کيس عبدالحئي ڀُٽو جي نالي سان سُڃاڻين ٿا.
عبدالحئي گھوٽڪي شھر ۽ ميرپورماٿيلو جي وچ ۾ قائم سنڌ جي مشھور تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي ۾ 2 آگسٽ 1975 ۾ مولوي محمود ڀٽو جي گهر ۾ ڄائو، سندس واسطو ديني ۽ علمي گھراڻي سان آھي، سندس والد صاحب پنھنجي علائقي جو مشھور ديني عالم ۽ استاد رھيو آھي، جنھن جي شخصيت ۽ تربيت جو اثر ئي ھو جو عبدالحئي جو لاڙو به پڙھڻ ۽ پڙھائڻ طرف ٿيو ۽ ھو استاد جھڙي معتبر حيثيت سان درس وتدريس سان وابسطه رھيو ٻارڙن جي علمي، ادبي، ڪردار سازي ۾ پنھنجو فرض سچائي سان نڀائيندو رھيو آھي.
ھو ادب جي دنيا ۾ وڏن سان گڏ ٻارڙن ۾ به ھڪ جيترو مشھور و مقبول آھي، ڇو ته سندس لکڻين جو ڳچ حصو ٻاراڻي ادب جي ترقي ۽ واڌ ويجهھ لاءِ خاص اھميت رکي ٿو، عبدالحئي ڀُٽو مطابق سنڌ توڙي پاڪستان ۾ اڪثر قلمڪار دانسته غيردانسته ٻاراڻي ادب کي نظرانداز ڪن ٿا، ايئن ئي سنڌي ادب ۾ به شدت سان اھڙي کوٽ جو احساس ٿيو ته ان ڪري ٻاراڻي ادب جي واڌ ويجھه لاءِ ”ٻالڪ ادبي فورم سنڌ ” جو بنياد وجھي ھنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو ڇو ته جنھن ٻوليءَ ۾ ٻارڙن جو ادب طرف لاڙو نه ھوندو، حصو نه ھوندو ته پوءِ ان ٻوليءَ ۾ تخليقي ذھن نه تيار ٿيندا، اسان جي ٻارڙن جي تخليقي تربيت ھوندي ته سنڌي ادب کي مضبوط، ميچوئر، تخليقي ذھن، حقيقي قلمڪارملندا.
عبدالحئي ڀُٽو ٻالڪ ادبي فورم جو باني ۽ مرڪزي اڳواڻ آھي. ھن جون نه صرف ٻاراڻي ادب ۾ بھترين ڪنٽريبيوشنز آھن پر ھو تاريخي ماڳن، آثارن بابت تحقيق ۾ پڻ ڪم ڪري پيو ڪجهه سال اڳ تاريخي ماڳ مومل جي ماڙي تي منھنجي ساڻس ملاقات ٿي جنھن ۾ ھن ان ڳالهھ جو اظھار ڪيو ھو ته ماٿيلو مومل جي ماڙي جي ويجھو موجود مزار جنھن بُزرگ جو نالو ”نول غوري” ٻُڌايائين بابت تحقيق جو ڪم ھٿ ۾ کنيو آھي. ان کانسواءِ ھو بھترين شاعر سان گڏ، بھترين ليکڪ، بھترين ڪالم نگار پڻ آھي جنھن جا مضمون سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ ڇپجندا رهندا آھن.
سنڌي ادب جي وڏي نالن سائين شمشيرالحيدري، يوسف سنڌي، مشتاق بخاري، مقصود گل، امام راشدي، جميل سومرو، الهورايو بوزدار، ملزم سومرو، فداملڪ، رئوف پارس دايو، سڪندر مگسي ۽ اياز لطيف دايو سان سندس ادبي تعلق، دوستي، رهاڻيون رهيون آهن۔ سندس موجب ادب ۾ سندس استاد ناليوارو شاعر، ليکڪ،صحافي ۽ اديب اميربخاري آهي۔عبدالحئي جي زندگي هن ڳالهھ جو مظھر لڳندي آهي ”اونهھ دي او ڄاڻي ساڪون اپڻي توڙ نڀاوڻي هي“تاريخي ماڳ مومل جي ماڙي جي رھندڙ سنڌي ادب جي راڻي عبدالحئي ڀُٽو جو اڄ جنم ڏينھن آھي، کيس دل جي گھرائين سان جنم ڏينھن جون مبارڪون پيش ڪجن ٿيون