آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تازو پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن تي واپاري ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت پاڪستان لاءِ ٽيرف جي شرح 19 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ اها شرح 29 سيڪڙو تجويز ڪئي وئي هئي، پر ان ۾ گهٽتائي پاڪستان لاءِ نسبتاً رليف سمجهي پئي وڃي.ٽيرف، بنيادي طور، درآمد ٿيندڙ شين تي لاڳو ٿيندڙ ٽيڪس هوندو آهي، جيڪو ڪنهن ملڪ جي مارڪيٽ ۾ مقامي صنعتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ لاڳو ڪيو ويندو آهي. آمريڪا اهو سمجهي ٿو ته ڪجهه ملڪن سان ان جي واپاري توازن ۾ خرابي اچي رهي آهي، تنهن ڪري اها پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي ته غير ملڪي شيون مهانگيون ٿين ته جيئن مقامي شيون وڌيڪ وڪامجن.
پاڪستان لاءِ هيءُ واپاري ٽيڪس معاشي طور تي هڪ وڏو چئلينج آهي، خاص طور تي ٽيڪسٽائل صنعت لاءِ، جيڪا ملڪ جي برآمد جو وڏو حصو آهي. گذريل سال پاڪستان آمريڪا ڏانهن لڳ ڀڳ ٽي ارب ڊالر جون شيون موڪليون، جن مان اڪثريت ڪپڙن جي هئي. هاڻي جڏهن اهي شيون آمريڪي مارڪيٽ ۾ 19 سيڪڙو وڌيڪ قيمت تي ملنديون، ته اتي انهن جي وڪري ۾ گهٽتائي جو انديشو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته پاڪستان کي رڳو 2025 ۾ ئي لڳ ڀڳ 80 ڪروڙ ڊالر جو نقصان ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هيءَ صورتحال پنج سالن تائين جاري رهي، ته ملڪ کي مجموعي طور تي 4.2 ارب ڊالر کان به وڌيڪ جو نقصان ٿي سگهي ٿو.پر حالتن جي اونداهي ۾ ڪجهه روشن پهلو به آهن. سڀ کان اهم ڳالهه ته پاڪستان تي لاڳو ٿيل شرح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ٿوري گهٽ آهي، جنهن مان اهو امڪان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪي ڪمپنيون چين، ڀارت يا بنگلاديش بدران پاڪستان کي واپار لاءِ ترجيح ڏئي سگهن ٿيون. هيءَ صورتحال پاڪستان لاءِ نئين واپاري موقعن جو در کولي سگهي ٿي، اسان پنهنجي شين جي معيار، فراهمي ۽ قيمت کي بين الاقوامي معيار تي آڻي سگهون.
اهو به ضروري آهي ته پاڪستان رڳو آمريڪي مارڪيٽ تي ڀاڙڻ بدران، يورپ، وچ اوڀر، آفريڪا ۽ ٻين اسلامي ملڪن جي مارڪيٽن ۾ به پنهنجي برآمد وڌائڻ لاءِ قدم کڻي. حڪومت کي گهرجي ته سرڪاري سطح تي نوان واپاري معاهدا ڪيا وڃن، مقامي صنعتن کي سبسڊي، تربيت ۽ ٽيڪنيڪي سهولتون مهيا ڪيون وڃن. خاص طور تي آءِ ٽي، زرعي صنعت ۽ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري آڻڻ سان واپار جي صورت بهتر بڻائي سگهجي ٿي.
ان کان علاوه، سفارتي سطح تي به لاڳاپن کي فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي. آمريڪا جي واپاري پاليسين تي اثرانداز ٿيندڙ ڌرين سان رابطا وڌائي، پاڪستان لاءِ ٽيرف ۾ نرمي آڻڻ جا امڪان پيدا ڪري سگهجن ٿا.اهو چئجي ته 19 سيڪڙو ٽيرف پاڪستان لاءِ بيشڪ هڪ ڌڪ آهي، پر ان کي هڪ موقعو پڻ بڻائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن حڪمت عملي، وقتائتا فيصلا ۽ نين مارڪيٽن جي تلاش سان اڳتي وڌڻ جو رستو اختيار ڪيو وڃي.
سفارتي سطح تي به لاڳاپن کي فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي. آمريڪا جي واپاري پاليسين تي اثرانداز ٿيندڙ ڌرين سان رابطا وڌائي، پاڪستان لاءِ ٽيرف ۾ نرمي آڻڻ جا امڪان پيدا ڪري سگهجن ٿا.اهو چئجي ته 19 سيڪڙو ٽيرف پاڪستان لاءِ بيشڪ هڪ ڌڪ آهي، پر ان کي هڪ موقعو پڻ بڻائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن حڪمت عملي، وقتائتا فيصلا ۽ نين مارڪيٽن جي تلاش سان اڳتي وڌڻ جو رستو اختيار ڪيو وڃي.