ممبئي (ويب ڊيسڪ) ليجنڊري فٽبالر ليونل ميسي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ انٽري ڏيڻ لاءِ تياري ڪري ورتي.
ارجنٽينا جي ليجنڊري فٽبالر ليونل ميسي 14 ڊسمبر تي ڀارتي شهر ممبئي جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ هڪ خاص ڪرڪيٽ ميچ ۾ شرڪت ڪندو.
مداح ان ميچ ۾ ناليوارن ڀارتي ڪرڪيٽرن، سچن ٽنڊولڪر، روهت شرما، ويرات ڪوهلي ۽ ايم ايس ڌوني سان گڏ ليونل ميسي کي ڪرڪيٽ کيڏندي ڏسي سگهندا.
رپورٽن موجب، اِها نمائشي ميچ فٽبال ۽ ڪرڪيٽ جي دنيا جي ستارن کي ويجهو آڻڻ لاءِ رکي وئي آهي.