اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پز شڪيان ڇنڇر تي ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچندو، جتي هو صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪندو.
پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ايراني صدر سان گڏ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ٻيا وزير به پاڪستان اچي رهيا آهن.
ياد رهي ته هي صدر طور مسعود پزشڪيان جو پاڪستان جو پهريون دورو هوندو، کيس پاڪستان اچڻ جي دعوت وزيراعظم شهباز شريف ڏني هئي.
ان کان اڳ شهباز شريف 26 مئي تي ايران جو دورو ڪيو هو.
You might also like