ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو هميشه صحافين جي تحريڪ سان گڏ بيٺي.
ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ايئرفورس ڀارتي فضائيه کي شڪست ڏني، جڏهن ته صحافين جي تنظيم پي ايف يو جي هڪ تحريڪ آهي، صحافين ڀارت خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اڄ به صحافتي آزاديءَ بابت چئلينج موجود آهن، ڊِس ۽ مِس انفارميشن هاڻ هڪ هٿيار بڻجي چڪو آهي.
هن چيو ته ايم آر ڊي تحريڪ دوران صحافين احتجاجي تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو، جڏهن ته ڊجيٽل ميڊيا تان پابنديون هٽائڻ مثبت قدم آهي.
پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڀارت خلاف جنگ دوران پاڪستاني صحافين سچائي، ساک ۽ تصديقي خبرن کي اهميت ڏني. اميد آهي ته وفاقي حڪومت صحافين جي اهميت کي سمجهي پنهنجين پاليسين تي نظرثاني ڪندي.
اڄ به صحافتي آزاديءَ بابت چئلينج موجود آهن، شهيد بينظير ڀٽو هميشه صحافين جو ساٿ ڏنو: بلاول
You might also like