اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جو چوڻ آهي ته 4 آگسٽ کان 8 آگسٽ 2025 تائين نادرا جون موبائل رجسٽريشن وينز پاڪستان جي ڏورانهن علائقن جو دورو ڪنديون.
نادرا طرفان جاري ڪيل بيان موجب، موبائل وينز اهڙن شهرين لاءِ سهولت فراهم ڪنديون، جيڪي نادرا آفيسن تائين پهچي نٿا سگهن.
پنجاب جي جن شهرن ۾ هي وينز ونديون، انهن ۾ بهاولپور، ڊيرا غازي خان، خانيوال، بهاولنگر، ڪوٽ ادو، يا، ملتان، لوڌران، مظفرڳڙهه، پاڪپتڻ، رحيم يار خان، ساهيوال، وهاڙي ۽ راڄنپور شامل آهن.
نادرا شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته پنهنجي علائقي جي دوري بابت شيڊيول ڏسي، وقت سر رجسٽريشن ۽ ضروري سروسز حاصل ڪن.
You might also like