فلوريڊا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽر صائم ايوب چيو آهي ته فخر زمان سان گڏ ميدان ۾ لهڻ کان اڳ اهو ئي پلان ٺاهيو هو ته وقت وٺنداسين ۽ غير ضروري شاٽس نه کيڏنداسين.
لاڊرهل ۾ کيڏيل ٽي ٽوئنٽي ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي صائم ايوب چيو ته” بنگلاديش ۾ لڳو ته اسپن وڪيٽ هوندي، پر اتي فاسٽ بالر کي مدد ملي، هتي لاوڊرهل جي پچ خشڪ آهي، جتي اسپنرن کي خاصي مدد ملي ۽ جيڪڏهن ايندڙ ميچن ۾ به اهڙي وڪيٽ رهي ته اسپنرز وڌيڪ اثرائتا ثابت ٿيندا.“
هن چيو ته اهڙي قسم جي چئلينجنگ وڪيٽ تي لڳاتار شاٽس ناهن لڳنديون، خاص طور تي نون بيٽرن لاءِ کيڏڻ ڏکيو هوندو آهي.
اوپنر موجب، ”اسان جو ڪمبينشن سٺو رهيو ۽ صورتحال جي حساب سان هر رانديگر کي موقعو مليو.“
صائم ايوب چيو ته ”فخر زمان سان گڏ پلان طئي ڪيو هو ته شروع ۾ راند کي سيٽ ڪنداسين ۽ غلط شاٽس نه کيڏنداسين.“
واضح رهي ته ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي 14 رنزن تان شڪست ڏني هئي.
پاڪستان طرفان صائم ايوب آل رائونڊ ڪارڪردگي پيش ڪندي 38 بالن تي 2 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 57 رنسون ٺاهيون ۽ بالنگ ۾ به 2 وڪيٽون وٺي پليئر آف دي ميچ بڻيو.