ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سينيئر وڪيل خواجه شمس الاسلام کي قتل ڪندڙ جوابدار جي نشاندهي ٿي وئي.
پوليس موجب قتل ۾ ملوث شخص جو نالو عمران خان آفريدي آهي، جيڪو واردات بعد واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، سندس ڳولا جاري آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته عمران آفريدي مقتول وڪيل جو گن مين هو، جوابدار جي ڳولا لاءِ گلشن سڪندرآباد ۾ ڇاپا هنيا ويا، جتي سندس ٻن ويجهن مٽن مائٽن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
ٻئي پاسي ڪراچي بار ايسوسيئيشن خواجه شمس الاسلام جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قاتل جي جلد گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.
واضح رهي ته خواجه شمس الاسلام جنازي ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي پٽ سان گڏ ڊي ايڇ اي فيز 6 آيل هو، جتي اوچتو سلوار قميض پهريل هٿياربند مٿس فائرنگ ڪئي ۽ موٽر سائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويو.
فائرنگ جي نتيجي ۾ خواجه شمس الاسلام کي پيٽ ۾ ۽ سندس پٽ کي چيلهه ۾ گولي لڳي. ٻنهي کي فوري طور ويجهي اسپتال نيو ويوو، جتي خواجه شمس الاسلام زخمن جا دور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب فائرنگ ڪنهن تڪرار دوران ٿي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.
خواجا شمس اسلام ڪير هو؟
خواجه شمس الاسلام هڪ سرگرم وڪيل طور هو، هو سول ڪيسن جو ماهر هو ۽ 500 کان وڌيڪ ڪيس وڙهي چڪو هو، جڏهن ته ڪراچي ۾ اربين رپين جي ملڪيتن بابت ڪيسن جي پيروي ڪري رهيو هو.
هو پاڪستان جي قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ فاطمه جناح جي رهائشگاهه قصر ناز (مهتا پيلس) تي گرلز هاسٽل ۽ ڊينٽل ڪاليج ٺاهڻ بابت مشهور ڪيس جي به پيروي ڪري رهيو هو.
ياد رهي ته نومبر 2024ع ۾ به خواجه شمس الاسلام مٿان حملو ٿيو هو، جنهن دوران کيس هٿ ۾ گولي لڳي هئي.