اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ گڏهه جو گوشت وڪرو ٿيڻ بابت معاملو قومي اسيمبلي جي فوڊ سيڪيورٽي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي تائين پهچي ويو آهي.
ڪميٽي جي اجلاس دوران رڪن قومي اسيمبلي سيد اياز شيرازي ان معاملي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي.
اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته اسان هوٽلن ۾ ماني کائڻ وڃو ٿا، هوٽلن تي جيڪو کاڌو ملي ٿو جيڪڏهن اهو گڏهه جو گوشت آهي ته اها انتهائي سنجيده ڳالهه آهي.
هن چيو ته گڏهه جي گوشت جو معاملو رڳو اسلام آباد جو نه، پر سڄي ملڪ لاءِ اهم آهي، جتي جتي گوشت جي فيڪٽرين کي اجازت ڏني وئي آهي، اتي کان ڪا ليڪيج ته ناهي ٿي رهي؟
ان تي سيڪريٽري فوڊ اينڊ سيڪيورٽي وضاحت ڏيندي چيو ته وفاقي ادارو قومي سطح تي فوڊ پاليسي تي ڪم ڪري ٿو، اسان صرف برآمد لاءِ گوشت جي لائسنسنگ ڪندا آهيون، جڏهن ته مڪاني سطح تي اهڙن معاملن کي ڏسڻ ضلعي انتظاميا جي ذميواري آهي.
فوڊ سيڪييورٽي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس:” اسان هوٽلن تي ماني کائڻ وڃون ٿا،اتي گڏهن جو گوشت سنجيدا معاملو آهي“
You might also like