ڀارت جي ميچ دوران پاڪستاني تماشائي کي اسٽيڊيم مان ڪڍڻ تي لنڪاشائر معافي گهري ورتي

مانچسٽر (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي اولڊ ٽريفورڊ اسٽيڊيم مان هڪ پاڪستاني تماشائي کي گرائونڊ مان ٻاهر ڪڍڻ واري واقعي تي لنڪاشائر ڪائونٽي ڪرڪيٽ ڪلب معافي وٺي ورتي آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارت ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ ٽيسٽ ميچ دوران، هڪ تماشائي کي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي شرٽ پاتل هئڻ سبب اسٽيڊيم مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو.
لنڪاشائر ڪلب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اولڊ ٽريفورڊ مان تماشائي کي ڪڍڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي تڪليف يا توهين محسوس ٿي آهي ته اسين ان تي معذرت خواهه آهيون.
واقعي بابت ڳالهائيندي متاثر شخص فاروق نذر چيو ته ” مان ميچ ڏسي رهيو هئس ته سيڪيورٽي اسٽاف اچي مون کي چيو ته پاڪستاني ٽي شرٽ لڪايو يا تبديل ڪيو، ٻي صورت ۾ گرائونڊ ڇڏڻو پوندو.“
واقعي تي سوشل ميڊيا تي پڻ سخت رد عمل ظاهر ڪيو ويو، جتي ڪيترن ئي مداحن ان عمل کي غير منصفاڻو ۽ غير مناسب قرار ڏنو، خاص طور تي جڏهن پاڪستان ان ميچ جو حصو ئي نه هو.
لنڪاشائر ڪلب طرفان هاڻ ان واقعي تي معافي سان گڏوگڏ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ پاليسين ۾ نظرثاني جو به واعدو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.