بنگلاديشي اداڪارا ۽ ” مس ايشيا گلوبل“ شانتا پائول ڀارت ۾ گرفتار

ڪولڪتا(ويب ڊيسڪ) بنگلاديشي يوٽيوبر ۽ ” مس ايشيا گلوبل“ جو خطاب ماڻيندڙ اداڪارا شانتا پال کي ڀارتي اختيارين ڪلڪتي مان گرفتار ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، شانتا پال کي 30 جولاءِ مسواڙ تي گهر وٺڻ لاءِ جعلي ڀارتي دستاويز جمع ڪرائڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي.
رپورٽن موجب، اداڪارا پهرين بنگلاديشي ايئرلائين ۾ ملازمت ڪندي هئي، جنهن کان پوءِ هن فوڊ ولاگنگ شروع ڪئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته شانتا پال ڪيئن جعلي ڀارتي دستاويز حاصل ڪيا، ان جي جاچ جاري آهي.
اداڪارا غيرقانوني طريقي سان دستاويز حاصل ڪيا آهن، جن جي مختلف ادارن کان تصديق ڪرائي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.