اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته عمران خان جي ٻنهي پٽن، سليمان ۽ قاسم پاڪستان اچڻ لاءِ ويزا جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي ۽ هاڻي هو ويزا جي منظوري جو انتظار ڪري رهيا آهن.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس جاري ڪيل بيان ۾ عليمه خان چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سليمان ۽ قاسم لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ ويزا لاءِ درخواست ڏني هئي.
عليمه خان موجب، پاڪستاني سفير ٻڌايو آهي ته ويزا جي درخواستن جي منظوري جو عمل اسلام آباد ۾ گهرو وزارت وٽ التوا هيٺ ۽ منظوري کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني هاءِ ڪميشن لنڊن طرفان درخواستون وصول ڪرڻ کانپوءِ لاڳاپيل اختيارين کي آگاهي ڏني وئي آهي، جڏهن ته سليمان ۽ قاسم ويزا لاءِ گهرو کاتي جي منظوري جا منتظر آهن.
You might also like