صبا قمر جي طبعيت بگڙي وئي، آءِ سي يو ۾ داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا صبا قمر کي ڊرامي جي شوٽنگ دوران طبعيت خراب ٿيڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس فوري طور تي آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو.
ادڪاراجي ويجهن ذريعن موجب، صبا قمر ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بنا آرام جي لڳاتار شوٽنگ ۾ رڌل هئي، جنهن سبب کيس بيچيني ۽ گهٻراهٽ محسوس ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اداڪارا کي فوري طور تي اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراهم ڪئي.
صبا قمر کي ڪجهه وقت لاءِ ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ رکيو ويو ۽ هاڻ کيس اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي.
پنهنجي سوشيل ميڊيا اڪائونٽن تي اسپتال جي عملي سان تصوير شيئر ڪندي ڊاڪٽرن ۽ نرسن جا ٿورا مڃيا.
سندس چوڻ هو ته هاڻ هوءَ پاڻ کي اڳ کان بهتر محسوس ڪري رهي آهي، سندس طبعيت ۾ هوريان هوريان سڌارو اچي رهيو آهي ۽ ٻيهر ڪم تي واپس اچڻ لاءِ تيار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.