پي ٽي آءِ جو پنج آگسٽ تي احتجاج، ڪارڪنن لاءِ اهم پيغام جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته سندن جماعت جو 5 آگسٽ تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي قيد جا ٻه سال پُورا ٿيڻ تي ڪنهن به قسم جي ڀڃ ڊاهه جو ڪو ارادو ناهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ملڪ ۾ ڪو به تڪرار پيدا نه ٿيڻ گهرجي، اسان جو پيغام پُرامن آهي.
پارٽي ڪارڪنن کي پيغام ڏيندي سلمان راجا چيو ته ثابت قدم رهو، عمران خان جيل ۾ به ثابت قدم آهي.
هن تازن عدالتي فيصلن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اهي ٻه ڏينهن ملڪ جي تاريخ جا اونداها ڏينهن هئا، مهذب ملڪن ۾ اهڙي قسم جون سزائون نه ڏنيون وينديون آهن، عوام جي آواز کي دٻائي ترقي نٿي ڪري سگهجي.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ گوهر ايوب عوامي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ”مون کي سزا ٻڌائي وئي آهي، پر مان توهان جي سامهون مرڪي رهيو آهيان.“
هن وڌيڪ چيو ته جن شاهدن جي بنياد تي فيصل آباد جي عدالت کيس سزا ڏني، انهن جي شاهدي سرگوڌا جي عدالت رد ڪندي کيس هڪ ڪيس مان آزاد ڪري ڇڏيو هو.
ياد رهي ته خميس ڏينهن فيصل آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي 2023 جي واقعن بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻن سميت 108 ڪارڪنن کي قيد جون سزائون ٻڌايون هيون.
فيصلي موجب، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب، پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ زرتاج گل، سينيٽ ۾ پارلياماني اڳواڻ شبلي فراز ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين حامد رضا کي ڏهه ڏهه سال قيد جون سزائون ٻڌايون ويون.
اهو ڪيس حساس اداري جي آفيس تي حملي بابت هو، جنهن ۾ 185 ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو هو، جن مان 108 کي ڏوهاري قرار ڏئي سزائون ڏنيون ويون.
ان کان اڳ، 22 جولاءِ تي سرگوڌا ۽ لاهور جي عدالتن پي ٽي آءِ جي احمد خان بڇر، احمد چٺا، ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد، سينيٽر اعجاز چوڌري ۽ اڳوڻو گورنر عمر سرفراز چيما سميت ٻين ٻين اڳواڻن کي مختلف سزائون ٻڌايون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.