صائم جو بيٽ ۽ بال سان ڪمال، پاڪستان پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ ويسٽ انڊيز کي 14 رنسن تان هارائي ڇڏيو

فلوريڊا/لارڊهل(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽن ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 14 رنسن سان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
فلوريڊا جي لاڊرهل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي ميزبان ٽيم خلاف مقرر 20 اوورن ۾ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنس ٺاهي سگهي.
پاڪستان طرفان صائم ايوب آل رائونڊ ڪارڪردگي پيش ڪندي پهريان 38 بالن تي 2 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 57 رنسون ٺاهيون ۽ بالنگ ۾ به 2 وڪيٽون وٺي پليئر آف دي ميچ بڻيو.
ان کانسواءِ فخر زمان 28 ۽ حسن نواز 24 رنسن سان نمايان رهيا، جڏهن ته صاحبزادہ فرحان رڳو 14 رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو.
بالنگ ۾ محمد نواز اننگز جي 12هين اوور ۾ 3 اهم وڪيٽون وٺي ميچ جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته صائم ايوب 2، سفيان مقيم ۽ شاهين آفريدي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
ويسٽ انڊيز طرفان اوپنرن 75 رنسن جي شروعات فراهم ڪئي، پر مڊل آرڊر ٻوٽو نه ٻاري سگهيو.
سوشل ميڊيا تي صائم ايوب ۽ محمد نواز جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته فهيم اشرف جي بالنگ ٿي رهي آهي.
سفيان مقيم بابت واهپيدارن لکيو ته کيس مسلسل بينچ تي ويهاريو ويو، پر موقعو ملندي ئي هن ثابت ڪري ڇڏيو ته هو اسپن بالنگ ۾ اهم آپشن آهي، هن چئن اوورن ۾ رڳو 20 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.