ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ، صوبائي محتسب طرفان ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي کي عهدي تان هٽائڻ وارو فيصلو عارضي طور معطل ڪري ڇڏيو .
مونس علوي پنهنجي وڪيل بئريسٽر عابد زبيري سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي عدالت کيس حڪم ڏنو ته هو 25 لک رپين جو ڏنڊ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ناظر وٽ جمع ڪرائي.
عدالت، صوبائي محتسب ۽ شڪايت ڏيندڙ ڌر کي نوٽيس جاري ڪندي رمارڪس ڏنا ته”صوبائي محتسب جو قانون ڪٿي آهي؟“
ياد رهي ته گذريل ڏينهن صوبائي محتسب مونس علوي کي عورت کي هراسان ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عهدي تان هٽائڻ ۽ 25 لک رپين جو ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
فيصلي موجب، جيڪڏهن مونس علوي جرمانو ادا نه ڪري ته سندس ملڪيت ضبط ڪئي ويندي.
مونس علوي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن هميشه پيشيوراڻن لاڳاپن ۾ ايمانداري ۽ احترام کي ترجيح ڏني آهي ۽ سندس خلاف فيصلو تڪليف ڏيندڙ آهي.
واضح رهي ته مونس علوي صوبائي محتسب جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.
You might also like