واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاڪستان تي 19 سيڪڙو جوابي ٽيرف لاڳو ڪيو آهي، جڏهن ته ڀارت تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي.
وائٽ هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ڏکڻ ايشيا جي ٽن وڏن ملڪن مان پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ رعايت ڏني وئي آهي.
ڏکڻ آفريڪا تي 30 سيڪڙو، سوئٽزرلينڊ تي 39 سيڪڙو، ترڪي ۽ اسرائيل مٿان 15 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪئناڊا تي ٽيرف 25 سيڪڙو مان وڌائي 35 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.
پڌرائي موجب، جن ملڪن تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ٿيو آهي، انهن ۾ برطانيا، برازيل، ۽ فاڪلينڊ ٻيٽ شامل آهن. جڏهن ته 15 سيڪڙو ٽيرف وارن ملڪن ۾ ترڪي، اسرائيل، افغانستان، بوٽسوانا، جپان، اردن، نيوزيلينڊ، ڏکڻ ڪوريا، ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ شامل آهن.
ٽرمپ انتظاميا طرفان نڪاراگوا تي 18 سيڪڙو، جڏهن ته پاڪستان، انڊونيشيا، ملائيشيا، فلپائن، ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا تي 19 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بنگلاديش، سريلنڪا، ويٽنام ۽ تائيوان تي 20 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي. ڀارت، قازقستان، تيونس ۽ مالدوا تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو هوندو.
ان کانسواءِ الجزائر، لبيا، بوسنيا ۽ ڏکڻ آفريڪا تي 30 سيڪڙو، ميانمار ۽ لائوس تي 40 سيڪڙو، جڏهن ته شام تي 41 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي.
You might also like