اسلام آباد(بيورو رپورٽ/ م ڊ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ 7 رپيا 54 پئسا في ليٽر گهٽتائي کان پوءِ ان جي نئين قيمت 264 رپيا 61 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 1 رپيو 48 پئسا وڌي 285 رپيا 83 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. واضح رهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ لڳاتار 4 ڀيرا واڌ کان پوءِ ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ تقريبن 9 رپيا ۽ 3 رپيا 50 پئسا في ليٽر گهٽتائي جي اميد هئي، جنهن جو ڪارڻ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۽ درآمدي خرچن ۾ گهٽتائي آهي. ڊيزل کي وڏي ٽرانسپورٽ، ريلوي ۽ زرعي مشينري (جهڙوڪ ٽريڪٽر ۽ ٽيوب ويل) لاءِ بنيادي ايندڻ طور استعمال ڪيو ويندو آهي، تنهن ڪري ان جي قيمت سڌيءَ ريت مهانگائي تي اثرانداز ٿيندي آهي. حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي مختلف ليوازن ذريعي تقريبن 98 رپيا في ليٽر وصول ڪري رهي آهي.ان ۾ ڊيزل تي 77.01 رپيا ۽ پيٽرول/هاءِ آڪٽين تي 78.02 رپيا في ليٽر پيٽروليم ليـوي ۽ ڪلائميٽ سپورٽ ليـوي (CSL) شامل آهن، جن مان 2.25 رپيا في ليٽر CSL جي مد ۾ ورتا پيا وڃن.